رنگ رتول

رنگ رتول

رنگ رتول

رنگ رتول (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجـي جي آتم ڪٿا جو ٽيون ڀاڱو آهي، جڏهن ته سندس مختصر آتم ڪٿا جا ٻه ڀاڱا- ديپڪ ۽ ملهار (1984ع) ۽ مجاز 2005ع ۾ ڇپجي چڪا آهن. آتم ڪٿا جي هن ٽئين ڀاڱي جا ٻه اکر سندس نياڻيءَ شهريور لکيا آهن، جڏهن ته پيش لفظ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي خود لکيو هو. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 96 صفحن جو هي ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اڪيڊمي، بدين/ ڄامشوري 2012ع ۾ سندس پهرين ورسيءَ تي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ رنگ رتولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو